رڪن پور

رڪن پور: هي ڳوٺ حيدرآباد تعلقي جي ديهه رڪن پور ۾ آهي. هن ڳوٺ تي شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جي ڪري اهو نالو پيو. هتي جو وڏو اولياءُ شيخ ريحان جھنگلي آهي، جيڪو ذات جو سومرو هو. شيخ رڪن الدين سندس مريد ٿيڻ لاءِ آيو ۽ هتي رهي پيو ۽ اهو ڳوٺ ٻڌايائين. شيخ جو اصل نالو، ريحان چنيسر هو. شيخ جو پٽ قطب الدين به زماني جو قطب ٿي گذريو آهي ۽ اهو به اتي دفن ٿيل آهي ۽ هر مهيني جي چوڏهينءَ تي اتي ميڙو لڳندو آهي.


لفظ رڪن پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو